ارباب امير حسن

ارباب امير حسن

ارباب امير حسن

ارباب امير حسن: امير حسن'>ارباب امير حسن نهڙيو ”ونگي جي ڄام“ جي نالي سان مشهور آهي. راڄوڻي جوڙ توڙ ۽ برادرين جي فيصلن ڪرڻ جو وڏو ماهر هو.

ارباب امير حسن 1938ع ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. سياست جي شروعات 1960ع کان ڪيائين. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي نگرانيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو ڦڙڪيو ته ان وقت سڄي سنڌ مان هڪ ارباب اميرحسن هو، جنهن آزاد اميدوار طور صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار مير خدا بخش ٽالپر کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي هئي. 1980ع ۾ مجلس شورا جو ميمبر رهيو. 1983ع جي عام چونڊن دوران ٿرپارڪر جي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ اين. اي- 176 تان آزاد اميدوار طور فارم ڀرايائين. جتان ڪامياب ٿي پارليامينٽ ۾ پهتو ۽ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۾ شامل ٿي ٿر واسين جي خدمت ڪيائين. 1988ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. اهڙي طرح امير حسن'>ارباب امير حسن 1970ع کان 1990ع تائين لاڳيتو 20 سال حڪومت ۾ شامل رهيو، 1990ع واري اليڪشن ۾ سياست تان رٽائر ٿي واڳون پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي حوالي ڪري کيتلاري ۽ ڍوڍاري جي اوطاقن تي ويهي راڄوڻي فيصلا ڪندو رهيو. سندس زندگيءَ جو وڏو ڪارنامو 1990ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو قائم ڪرائڻ هو، 15 سيپٽمبر 2007ع ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاري ويجهو، کيتلاري قبرستان ۾ واقع آهي.


لفظ ارباب امير حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

ارباب امير حسن 1938ع ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو


2007.09.15  عيسوي

ارباب امير حسن: 15 سيپٽمبر 2007ع ۾ وفات ڪيائين ، سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاري ويجهو ، کيتلاري قبرستان ۾ واقع آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي جي چانڊيو
خيرو اوٺوال
درويش راڄو ستيو دل
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
ثناءَ الله قادري
پير پاڳارا خاندان
شيخ مومل
تاج محمد رضائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون